باگيسري/ ڀاڳيشري

باگيسري/ ڀاڳيشري: جامع سنڌي لغات ۾ هي لفظ ”ڀاڳيسري“ لکيل آهي. هيءُ ڪافي ٺاٺ جو اوڍو سمپورڻ راڳ آهي. هن جي آروهي ۾ پنچم جو سُر نٿو لڳي. مڌم هن جو وادي سُر آهي ۽ کرج سموادي. پنچم تي زور ڏيڻ سان ڌناسريءَ جو شڪ ٿئي ٿو. انهيءَ لاءِ هن سُر کي امروهي به ڪمزور لڳائڻ کپي. هن جي ڳائڻ جو وقت اڌ رات آهي. هيءُ سُر، اميد ۽ نااميديءَ واري ڪيفيت جو اظهار ڪندڙ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو